لاهور- 14 فيبروري (اي پي پي) پشاور زلمي ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 لاءِ شاهنواز ڏاهاڻي کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. پشاور زلمي انتظاميا هن اهم شموليت تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جهڙي باصلاحيت ۽ پراعتماد فاسٽ بالر جي آمد ٽيم جي بالنگ اٽيڪ ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي. ساڄي هٿ جو فاسٽ بالر پنهنجي تيز بالنگ، جارحاڻي انداز ۽ …
پشاور زلمي ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 لاءِ شاهنواز ڏاهاڻي کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو

مزید خبریں
لاهور- 14 فيبروري (اي پي پي) پشاور زلمي ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 لاءِ شاهنواز ڏاهاڻي کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. پشاور زلمي انتظاميا هن اهم شموليت تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جهڙي باصلاحيت ۽ پراعتماد فاسٽ بالر جي آمد ٽيم جي بالنگ اٽيڪ ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي. ساڄي هٿ جو فاسٽ بالر پنهنجي تيز بالنگ، جارحاڻي انداز ۽ منفرد جشن جي انداز جي ڪري مداحن ۾ انتهائي مشهور آهي. ڏاهاڻي جي رفتار ۽ اٽيڪنگ ايپروچ زلمي جي بالنگ يونٽ کي نئين توانائي فراهم ڪندي، جڏهن ته ٽيم انتظاميا کي يقين آهي ته هو سيزن 11 ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. شاهنواز ڏاهاڻي هن وقت تائين پاڪستان سپر ليگ ۾ 27 ميچ کيڏيا آهن ۽ 39 وڪيٽون ورتيون آهن، جيڪو سندس قابليت ۽ تسلسل جو واضح ثبوت آهي. پشاور زلمي شاهنواز ڏاهاڻي کي زلمي فيملي ۾ ڀليڪار ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو ايندڙ سيزن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو.











