ڪراچي حيدرآباد ايم نائين موٽر وي تي ڊي ايڇ اي سٽي ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو، 13 کان وڌيڪ حياتيون ضايع، ڪيترائي زخمي

ڪراچي-13 فيبروري (اي پي پي)ڪراچي حيدرآباد ايم نائين موٽر وي تي خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 13 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيڻ ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. تفصيل موجب جمعي ڏينهن شام جو  ايم نائين موٽر وي تي ڊي ايڇ اي سٽي ويجهو هڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ مسافر بس ۽ آئل ٽينڪر  جي ٽڪر سبب پويان ايندڙ ٻيون به ڪيتريون ئي گاڏيون هڪٻئي سان ٽڪرائي ويون. …

ڪراچي-13 فيبروري (اي پي پي)ڪراچي حيدرآباد ايم نائين موٽر وي تي خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 13 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيڻ ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. تفصيل موجب جمعي ڏينهن شام جو  ايم نائين موٽر وي تي ڊي ايڇ اي سٽي ويجهو هڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ مسافر بس ۽ آئل ٽينڪر  جي ٽڪر سبب پويان ايندڙ ٻيون به ڪيتريون ئي گاڏيون هڪٻئي سان ٽڪرائي ويون. جنھن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 12 کان 13 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن جنهن ۾ 4 عورتون ۽ 3 ٻار پڻ شامل آهن. جڏهن ته ڪيترائي زخمي مسافر اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي ٿي وڃي. ريسڪيو ذريعن موجب واقعي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن. پوليس ريسڪيو رپورٽن موجب هڪ گاڏي غلط رخ تي هلي رهي هئي جنهن ڪري حادثو پيش آيو جنهن بعد آئل ٽينڪر ڪنٽرول وڃائي ويٺو ۽ پويان ايندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويو جڏهن ته آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ ڪري سمورو تيل روڊ تي هارجڻ ڪري امدادي ڪم کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. پوليس، ريسڪيو 1122، ايڌي ۽ ڇيپا ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پهچي مدد ڪئي ۽ زخمين کي ويجهين اسپتالن عباسي شهيد. سول اسپتال  پهچايو جڏهن ته ٽريفڪ کي متبادل روٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب گاڏيون ڪڍي رستي کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ٻئي طرف وفاقي ۽ صوبائي اڳواڻن پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ زخمين لاءِ سڀ کان بھتر علاج جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.ياد رهي ته فوتين توڙي زخمين جا انگ اکر يا سڃاڻپ سرڪاري طور تي اڃا جاري نه ڪئي وئي آهي.