ڏهين آئي سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾  ڇنڇر تي وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو

ڪولمبو-13 فيبروري(اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ ٽي ميچ کيڏيا ويندا. اسپورٽس ويب سائيٽ موجب پهرين ميچ گروپ بي جي ٽيمن آئرلينڊ ۽ اومان وچ ۾ سريلنڪا جي گادي واري هنڌ ڪولمبو  جي سنها ليز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيو ويندو، ٻي ميچ ۾ گروپ سي جون ٽيمون انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ زور آزمائي ڪنديون، اهو …

ڪولمبو-13 فيبروري(اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ ٽي ميچ کيڏيا ويندا. اسپورٽس ويب سائيٽ موجب پهرين ميچ گروپ بي جي ٽيمن آئرلينڊ ۽ اومان وچ ۾ سريلنڪا جي گادي واري هنڌ ڪولمبو  جي سنها ليز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيو ويندو، ٻي ميچ ۾ گروپ سي جون ٽيمون انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ زور آزمائي ڪنديون، اهو ورلڊ ڪپ جو 23هون ميچ هوندو، جيڪو ايڊن گارڊنز، ڪلڪته ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ جو ٽيون ۽ آخري ميچ گروپ ڊي جي ٽيمن نيوزي لينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو. محدود اوورز جي فارميٽ جي ڏهين ميگا ايونٽ جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ جاري آهن، جنهن ۾ مداحن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائيٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. ميزبان ڀارت جي ٽيم دفاعي چيمپئين آهي. ميگا ايونٽ ۾ فائنل سميت 55 ميچون کيڏيا ويندا. ٽورنامينٽ جو فائنل 8 مارچ تي کيڏيو ويندو.