ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ويمنز 2026ع ۾ پاڪستان ويمنز اي جي فاتحاڻي شروعات، نيپال کي 30 رنسن تان هارائي ڇڏيو

بنڪاڪ-13 فيبروري (اي پي پي) ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ويمنز 2026ع ۾ پاڪستان ويمنز اي فاتحاڻي شروعات ڪندي نيپال ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي 30 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بينڪاڪ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان اي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون. ڪپتان حفصه خالد 40 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي جڏهن ته وحيده اختر 23 رنسن جي انگز کيڏي. …

بنڪاڪ-13 فيبروري (اي پي پي) ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ويمنز 2026ع ۾ پاڪستان ويمنز اي فاتحاڻي شروعات ڪندي نيپال ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي 30 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بينڪاڪ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان اي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون. ڪپتان حفصه خالد 40 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي جڏهن ته وحيده اختر 23 رنسن جي انگز کيڏي. هدف حاصل ڪرڻ ۾ نيپال جي ٽيم 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسن تائين محدود رهي. پاڪستان اي طرفان ليفٽ آرم اسپنر انوشه ناصر 3 ۽ مومنه رياست 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته وحيده اختر به هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان ويمنز اي پنهنجو ٻيو ميچ 15 فيبروري آچر تي انڊيا ويمنز اي خلاف کيڏيندي.