ڪولمبو-13 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي سام ٽاپنگ کي پال اسٽرلنگ جي جاءِ تي آئرلينڊ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. سام ٽاپنگ کي ان وقت متبادل طور نامزد ڪيو ويو جڏهن پال اسٽرنگ 11 فيبروري تي آسٽريليا خلاف ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو هو. …
آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي پاران سام ٽاپنگ کي پال اسٽرلنگ جي جاءِ تي آئرلينڊ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري

مزید خبریں
ڪولمبو-13 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي سام ٽاپنگ کي پال اسٽرلنگ جي جاءِ تي آئرلينڊ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. سام ٽاپنگ کي ان وقت متبادل طور نامزد ڪيو ويو جڏهن پال اسٽرنگ 11 فيبروري تي آسٽريليا خلاف ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو هو. ڪنهن به رانديگر کي متبادل طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي منظوري ضروري هوندي آهي ۽ منظوري کانپوءِ ئي متبادل رانديگر کي باضابطه طور ٽيم جو حصو بڻايو ويندو آهي. ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۾ وسيم خان (چيئرمين، آءِ سي سي جنرل مينيجر ڪرڪيٽ)، گورو سڪسينه (آءِ سي سي جنرل مينيجر ايونٽس ۽ ڪارپوريٽ ڪمونيڪيشنز، آءِ بي سي نمائنده)، هيمنگ امين (ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر، ميزبان نمائنده) ۽ شان پولاڪ (آزاد نامزد ميمبر) شامل آهن.











