مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي بين ڪرن کي برينڊن ٽيلر جي جاءِ تي زمبابوي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪولمبو-13 فيبروري (اي پي پي) مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي بين ڪرن کي برينڊن ٽيلر جي جاءِ تي زمبابوي جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بين ڪرن کي ان وقت متبادل طور نامزد ڪيو ويو جڏهن برينڊن ٽيلر 9 فيبروري تي عمان خلاف ميچ دوران ساڄي هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو هو. ڪنهن به رانديگر کي …

ڪولمبو-13 فيبروري (اي پي پي) مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي بين ڪرن کي برينڊن ٽيلر جي جاءِ تي زمبابوي جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بين ڪرن کي ان وقت متبادل طور نامزد ڪيو ويو جڏهن برينڊن ٽيلر 9 فيبروري تي عمان خلاف ميچ دوران ساڄي هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو هو. ڪنهن به رانديگر کي متبادل طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي منظوري ضروري هوندي آهي ۽ منظوري کانپوءِ ئي متبادل رانديگر کي باضابطه طور ٽيم جو حصو بڻايو ويندو آهي، ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۾ وسيم خان چيئرمين طور،  گورو سڪسينه آءِ سي سي جنرل مينيجر  طور ايونٽس ۽ ڪارپوريٽ ڪمونيڪيشنز، آءِ بي سي نمائنده، هيمنگ امين ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر، ميزبان نمائنده طور جڏهن ته  شان پولاڪ آزاد نامزد ميمبر طور شامل آهن.