ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه هاءِ رسڪ عمارتن بابت فوري عملدرآمد لاءِ واضح ۽ حتمي ٽائم لائن مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ عمل نه ڪندڙ عمارتن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.اهڙو حڪم هن سڄي صوبي ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن ۾ فائر سيفٽي قانونن تي عملدرآمد ۽ ان تي عمل جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي …
سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران هاءِ رسڪ عمارتن بابت فوري عملدرآمد لاءِ واضح ۽ حتمي ٽائم لائن مقرر ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه هاءِ رسڪ عمارتن بابت فوري عملدرآمد لاءِ واضح ۽ حتمي ٽائم لائن مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ عمل نه ڪندڙ عمارتن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.اهڙو حڪم هن سڄي صوبي ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن ۾ فائر سيفٽي قانونن تي عملدرآمد ۽ ان تي عمل جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيو. هن لاڳاپيل اختيارين کي واضح ڪيو ته جتي ضروري هجي اتي عمارتن کي سيل ڪيو وڃي يا سخت انتظامي قدم کنيا وڃن ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي. هن واضح چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ هاءِ رسڪ عمارتن کي لازمي فائر سيفٽي گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ سڄي صوبي ۾ جاري فائر سيفٽي مهم تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن جو مقصد ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن ۾ فائر سيفٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ هو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي صوبي ۾ مجموعي طور تي 3,633 عمارتن جي نشاندهي ڪري انهن جو معائنو ڪيو ويو. انهن مان 3,319 ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن کي فائر سيفٽي جي مختلف خامين ۽ مقرر ڪيل ضابطن جي عدم تعميل تي نوٽيس جاري ڪيا ويا. خطري جي جائزي موجب 889 عمارتن کي سنگين نوعيت جي خلاف ورزين ۽ بنيادي فائر سيفٽي انتظامن جي غير موجودگي سبب هاءِ رسڪ قرار ڏنو ويو. وڌيڪ 916 عمارتن کي ميڊيم رسڪ ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو جن کي مقرر مدي ۾ سڌارن وارا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته 912 عمارتن کي لو رسڪ قرار ڏيندي معمولي بهتري جي سفارش ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ ضلعي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سول ڊفينس جي ٽيمن جي ڪوششن کي ساراهيو جن موقعي تي وڃي عمارتن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ زميني حقيقتن جي بنياد تي جائزو ورتو. هن چيو ته وقتائتي نشاندهي ۽ مربوط ڪارروايون ڪنهن به امڪاني باهه لڳڻ واري واقعي کان بچاءُ ۽ انساني حياتين جي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهن. ميڊيم رسڪ عمارتن بابت چيف سيڪريٽري سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو اسٽيڪ هولڊرز، واپاري تنظيمن ۽ لاڳاپيل عمارتن جي نمائندن سان اجلاس منعقد ڪن ته جيئن فائر سيفٽي بابت تجويز ڪيل قدمن تي وقتائتو عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. هن زور ڀريو ته مقرر ٽائم لائن اندر مڪمل تعميل کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ضلعي سطح تي ان جي سخت نگراني ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اڳ ئي جاري ٿيل نوٽيسن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ مسلسل مانيٽرنگ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته سمورن عمارتن ۾ فائر سيفٽي اوزار بشمول فائر ايڪسٽنگوئشرز، الارم سسٽم ۽ ٻيا لاڳاپيل نظام مڪمل طور تي فعال حالت ۾ لڳل ۽ برقرار رکيا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته عمارتن جا درست جاگرافيائي ڪوآرڊينيٽس ۽ نقشن کي باقاعدي رڪارڊ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايمرجنسي ريسپانس ۽ تياري جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.اجلاس ۾ سيڪريٽري بحالي، ڊائريڪٽر جنرل صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي.











