لاهور- 12 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن لاءِ پليئرز جي نيلامي جي تقريب ۾ رانديگرن کي مهانگن اگهن تحت فرنچائيز جو حصو بڻايو ويو. نيلامي دوران پي ايس ايل جي نئين ٽيم راولپنڊي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي 8 ڪروڙ 65 لک روپين ۾ خريد ڪري ايونٽ جو مهانگو ترين رانديگر بڻائي ڇڏيو.ٻئي نمبر تي آل رائونڊر فهيم اشرف رهيو جنهن کي اسلام آباد يونائيٽڊ …
پي ايس ايل آڪشن ۾ اسڪواڊ جو حصو بڻيل رانديگرن جا تفصيل جاري

مزید خبریں
لاهور- 12 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن لاءِ پليئرز جي نيلامي جي تقريب ۾ رانديگرن کي مهانگن اگهن تحت فرنچائيز جو حصو بڻايو ويو. نيلامي دوران پي ايس ايل جي نئين ٽيم راولپنڊي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي 8 ڪروڙ 65 لک روپين ۾ خريد ڪري ايونٽ جو مهانگو ترين رانديگر بڻائي ڇڏيو.ٻئي نمبر تي آل رائونڊر فهيم اشرف رهيو جنهن کي اسلام آباد يونائيٽڊ ساڍن 8 ڪروڙ روپين ۾ حاصل ڪيو. مهانگن رانديگرن ۾ نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل پڻ شامل آهي جيڪو 8 ڪروڙ 5 لک روپين ۾ راولپنڊي جو حصو بڻيو ، فخر زمان کي لاهور قلندرز 7 ڪروڙ 95 لک ۾ پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر کي 7 ڪروڙ 90 لک روپين ۾ خريد ڪيو، حارث رئوف هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور قلندر جو حصو بڻيو، هن کي 7 ڪورڙ 60 لک روپين ۾ حاصل ڪيو ويو. مارڪ چپ مين کي اسلام آباد يونائيٽڊ 7 ڪروڙ روپين ۾ پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو. خواجا نافع کي ڪوئٽه گليڊي ايٽرز ساڍا 6 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڪيو. پاڪستان جي ٽي – 20 ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا کي 5 ڪروڙ 85 لک روپين ۾ ڪراچي ڪنگز ۾ شامل ڪيو ويو. سيالڪوٽ اسٽالينز صاحبزاده فرحان 5 ڪروڙ 70 لک روپين ۾ حاصل ڪيو جڏهن ته لاهور قلندر اسامه مير کي ساڍا 3 ڪروڙ روپين ۾ حاصل ڪيو.











