پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي سريلنڪا ۾ به پاڪستاني کاڌا دستياب

ڪولمبو-12 جنوري (اي پي پي)ڪولمبو ۾ جاري 10 هين آءِ سي سي ٽي -20 ميگا ايونٽ دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي معياري ۽ محفوظ خوراڪ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان مان پاڻ سان گڏ خصوصي شيف جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قومي اسڪواڊ رانديگرن جي صحت، فٽنيس ۽ ذاتي پسند کي نظر ۾ رکندي شيف کي گڏ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مينيو موجب رانديگرن کي …

ڪولمبو-12 جنوري (اي پي پي)ڪولمبو ۾ جاري 10 هين آءِ سي سي ٽي -20 ميگا ايونٽ دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي معياري ۽ محفوظ خوراڪ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان مان پاڻ سان گڏ خصوصي شيف جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قومي اسڪواڊ رانديگرن جي صحت، فٽنيس ۽ ذاتي پسند کي نظر ۾ رکندي شيف کي گڏ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مينيو موجب رانديگرن کي انهن جي پسند جي روايتي پاڪستاني کاڌن سميت مختلف ٻيا کاڌا فراهم ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته کاڌن جي تياري ۾ غير معمولي احتياط ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي فوڊ پوائزننگ يا معدي جي خرابي کان بچي سگهجي ۽ رانديگر ڀرپور توانائي سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن.