پي ايس ايل جي 11هين ايڊيشن لاءِ پليئرز آڪشن تقريب منعقد، پي سي بي چيئرمين پاران ٽيم مالڪن ۾ ڪِٽس ورهايون ويون

لاهور-11 جنوري (اي پي پي) لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ ايڇ بي ايل پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) 11 لاءِ پليئرز آڪشن جي رنگا رنگ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ سمورن فرنچائز مالڪن، پي سي بي اختيارين ۽ ڪرڪيٽ سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ جوش ۽ جذبو ۽ پيشيواراڻو ماحول ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ٽيمن ايندڙ سيزن لاءِ پنهنجي حڪمت عملي مطابق رانديگرن جي چونڊ ڪئي. …

لاهور-11 جنوري (اي پي پي) لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ ايڇ بي ايل پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) 11 لاءِ پليئرز آڪشن جي رنگا رنگ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ سمورن فرنچائز مالڪن، پي سي بي اختيارين ۽ ڪرڪيٽ سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ جوش ۽ جذبو ۽ پيشيواراڻو ماحول ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ٽيمن ايندڙ سيزن لاءِ پنهنجي حڪمت عملي مطابق رانديگرن جي چونڊ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، سمورن ٽيم مالڪن ۾ خاص طور تي تيار ڪيل ڪِٽس ورهايون. اهي ڪِٽس ليگ جي نئين سيزن ۽ قومي ٽيم جي نمائندگي جي جذبي جي عڪاسي هيون، جنهن کي شرڪت ڪندڙن گهڻو ساراهيو. تقريب دوران ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي اعزازي بيٽ به پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي خوشگوار ماحول ڏسڻ ۾ آيو ۽ فرنچائز نمائندن، ليگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پي سي بي جي قدمن کي ساراهيو. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، سمورن ٽيم مالڪن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پي ايس ايل نه صرف پاڪستان ڪرڪيٽ جو وڏو برانڊ بڻجي چڪو آهي، پر نوجوان ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پي ايس ايل 11 ڪرڪيٽ شوقينن کي معياري ۽ سنسني خيز مقابلا فراهم ڪندي ۽ ليگ وڌيڪ ڪاميابين سان نيون منزل طئي ڪندي.

مزید خبریں