حيدرآباد-11 جنوري (اي پي پي) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته وفاقي حڪومت عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ مستحڪم ٿئي ۽ ترقي ڪري. 8 فيبروري جي چونڊن بابت سياسي جماعتن جو احتجاج اصل ۾ عوام خلاف احتجاج هو. سنڌ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ کي سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال قبول ناهي. …
وفاقي حڪومت عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ مستحڪم ٿئي ۽ ترقي ڪري: نثار احمد کھڙو

مزید خبریں
حيدرآباد-11 جنوري (اي پي پي) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته وفاقي حڪومت عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ مستحڪم ٿئي ۽ ترقي ڪري. 8 فيبروري جي چونڊن بابت سياسي جماعتن جو احتجاج اصل ۾ عوام خلاف احتجاج هو. سنڌ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ کي سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال قبول ناهي. اربع ڏينهن پيپلز سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار احمد کھڙو چيو ته نئين صوبي جي معاملي تي سنڌ تمام گھڻي حساس آهي تنهنڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري سياسي ماحول خراب نه ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون آئين جي خلاف آهن، تنهن ڪري ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو صوبي جي گادي واري هنڌ کي کَسڻ ۽ سنڌ تي ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته آئين تحت وفاق ڪنهن به صوبي کي رڳو هدايت ڏئي سگهي ٿو، پر ڪنهن صوبي جي شهر جو انتظامي ڪنٽرول نٿو وٺي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين ۾ وفاق ۽ صوبن جا اختيار واضح ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي مطالبن سان مسئلا پيدا ٿيندا، وزيراعظم اهڙن بيانن جو نوٽيس وٺي. نثار کھڙو چيو ته سي سي آءِ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته صوبن جي اتفاق راءِ کانسواءِ تڪراري ڪينال نه ٺاهيا ويندا. هن چيو ته سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، تنهن ڪري سنڌ کي سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال نه گهرجي. مُلڪ ۾ دهشتگردي جي حوالي سان هن چيو ته دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي. نثار کھڙو وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت عالمي برادري ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ملڪ مستحڪم ٿئي ۽ ترقي ڪري. هن چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن بابت سياسي جماعتن جو احتجاج اصل ۾ عوام خلاف احتجاج هو.










