لاڙڪاڻو-11 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ بورڊ جي تربيت يافته شاگردياڻن وچ ۾ وظيفي جي رقم توڙي مڃتا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب شهر جي گورنمينٽ ووڪيشنل اسڪول فار گرلس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص مددگار خير محمد شيخ، ريجنل ڊائريڪٽر اسٽيوٽا مريد حسين ککراڻي، آمنه جمالي، الله ڏنو کهڙو، طارق …
لاڙڪاڻو ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ بورڊ جي تربيت يافته شاگردياڻن ۾ وظيفي جي رقم ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-11 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ بورڊ جي تربيت يافته شاگردياڻن وچ ۾ وظيفي جي رقم توڙي مڃتا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب شهر جي گورنمينٽ ووڪيشنل اسڪول فار گرلس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص مددگار خير محمد شيخ، ريجنل ڊائريڪٽر اسٽيوٽا مريد حسين ککراڻي، آمنه جمالي، الله ڏنو کهڙو، طارق حسين ابڙو، شبروز سومرو، آفتاب احمد لاشاري، سميت شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي خير محمد شيخ نوجوانن جي مهارتن جي ترقي ۽ روزگار جي موقعن کي وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا تربيتي پروگرام نوجوانن کي خودمختيار بڻائڻ سان گڏ ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪي اڳتي به ٿيڻ گهرجن. مريد حسين ککراڻي چيو ته ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ اسٽيوٽا جي گڏيل ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ نوجوانن کي معياري تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، جيڪا کين روزگار جي بهترين موقعن ڏانهن وٺي وڃي ٿي. هوڏانهن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ تربيت يافته شاگردياڻين خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي سرٽيفڪيٽ ۽ وظيفو کين با عزت روزگار ۽ سٺي زندگي شروع ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.










