لاڙڪاڻو-11 جنوري (اي پي پي) ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر، هيرئيٽ روس سنڌ جي قديمي ماڳ مُوئن جو دڙو پهچي اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ميوزيم جو دورو ڪيو. ڪينيڊا جي قونصلر کي موئن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موئن جو دڙو ڏسڻ جي تمام خواهش هئي. هتي اچي ڪري تمام وڏي خوشي ٿي آھي. هن …
ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر، هيرئيٽ روس پاران سنڌ جي قديمي ماڳ مُوئن جو دڙو جو دورو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-11 جنوري (اي پي پي) ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر، هيرئيٽ روس سنڌ جي قديمي ماڳ مُوئن جو دڙو پهچي اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ميوزيم جو دورو ڪيو. ڪينيڊا جي قونصلر کي موئن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موئن جو دڙو ڏسڻ جي تمام خواهش هئي. هتي اچي ڪري تمام وڏي خوشي ٿي آھي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت سدائين پيار ڏنو آھي، اهو حيرت انگيز ماڳ اسان کي هڪ امير ترين ۽ قديم تهذيب جي سفر ۾ وٺي وڃي ٿو. هن چيو ته مان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي گرم جوشي ۽ احترام واري انتظامن ۽ مهمان نوازي کي دل جي گهراين سان ساراهيان ٿي.











