لاهور-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل صدر ٽرافي گريڊون جي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي واٽر اينڊ پاور ڊولپمنٽ اٿارٽي کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد، ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ عبدالله خرم نيازي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. واپڊا سنسني خيز مقابلي کانپوءِ سوئي ناردرن گئس پائپ …
پي سي بي جي چيئرمين پاران واپڊا کي ٽرافي کٽڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
لاهور-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل صدر ٽرافي گريڊون جي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي واٽر اينڊ پاور ڊولپمنٽ اٿارٽي کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد، ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ عبدالله خرم نيازي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. واپڊا سنسني خيز مقابلي کانپوءِ سوئي ناردرن گئس پائپ لائنز لميٽيڊ کي 35 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. ميچ جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي رنر اپ ٽيم مضبوط پوزيشن ۾ نظر اچي رهي هئي، جڏهن ته واپڊا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي. پي سي بي چيئرمين فاتح ٽيم جي ڪپتان خالد عثمان ۽ سندس ٽيم کي ٽرافي ۽ 75 لک رپيا انعامي رقم پيش ڪئي، جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي 40 لک رپيا ڏنا ويا.











