پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي فيوچر اسٽارز ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي نوجوان رانديگرن جي ٻن ڏينهن وارا اوپن ٽرائلز خميس تي ٿيندا

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي فيوچر اسٽارز ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي نوجوان رانديگرن جا ٻن ڏينهن وارا اوپن ٽرائلز خميس تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ شروع ٿيندا. پي سي بي موجب اهو پروگرام سڄي ملڪ جي اڀرندڙ نوجوان ڪرڪيٽرز لاءِ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار ۽ قومي سطح تي جڳهه ٺاهڻ جو سنهري موقعو آهي. اوپن ٽرائلز پهرين …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي فيوچر اسٽارز ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي نوجوان رانديگرن جا ٻن ڏينهن وارا اوپن ٽرائلز خميس تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ شروع ٿيندا. پي سي بي موجب اهو پروگرام سڄي ملڪ جي اڀرندڙ نوجوان ڪرڪيٽرز لاءِ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار ۽ قومي سطح تي جڳهه ٺاهڻ جو سنهري موقعو آهي. اوپن ٽرائلز پهرين مئي تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منعقد ڪيا ويندا. اڳوڻا ٽيسٽ ڪرڪيٽرز ۽ ريجنل ڪوچز تي ٻڌل سليڪشن پينل ٽرائلز جي نگراني ڪندو. پروگرام تحت مجموعي طور تي اٽڪل 350 باصلاحيت رانديگرن جي چونڊ ڪئي ويندي، ملڪ جي اڳوڻن مشهور ڪرڪيٽرز عاقب جاويد، مصباح الحق ۽ عبدالرزاق نوجوان رانديگرن جا ٽرائلز وٺندا. هر ريجن مان وڌ کان وڌ 24 بهترين رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويندو جن کي 4 هفتن جي خصوصي تربيت فراهم ڪئي ويندي. ٽرائلز دوران نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بهترين بيٽسمين، فاسٽ بالر ۽ اسپنر کي روڪ انعام به ڏنا ويندا. چونڊيل رانديگرن مان نمايان ترين ٽئلينٽ کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪيمپ ۾ شرڪت جو موقعو به ڏنو ويندو جڏهن ته کين سڄو سال پي سي بي ريجنل اڪيڊميز ۾ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت تربيت فراهم ڪئي ويندي. پي سي بي عملدارن موجب ان پروگرام جو مقصد سڄي ملڪ مان نئين ٽئلينٽ کي سامهون آڻڻ ۽ کين مستقبل ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ موقعا فراهم ڪرڻ آهي.

مزید خبریں