لاهور-10 فيبروري (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي فيصلي جي حمايت ڪندي ان کي سٺو سئنوڻ قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته حڪومت ميچ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي وقار کي …
پاڪستان، ڀارت خلاف ميچ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي وقار کي برقرار رکيو آهي: شاهد آفريدي

مزید خبریں
لاهور-10 فيبروري (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي فيصلي جي حمايت ڪندي ان کي سٺو سئنوڻ قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته حڪومت ميچ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي وقار کي برقرار رکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان فيصلي سان نه صرف عالمي سطح تي راند جي استحڪام کي تقويت ملي پر ڪرڪيٽ جو اصل روح به برقرار رهندو. شاهد آفريدي موجب راند کي سياست کان مٿانهون رکڻ ئي عالمي راندين جي خوبصورتي آهي.











