پشاور زلمي پاران اسٽار وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين رحمان الله گرباز کي ڊائريڪٽ سائن ڪرڻ جو اعلان

لاهور-06 جنوري (اي پي پي) پشاور زلمي ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين سيزن کان اڳ افغانستان جي اسٽار وڪيٽ ڪيپر رحمان الله گرباز کي ڊائريڪٽ سائن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رحمان الله گرباز کي جديد ٽي -ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو خطرناڪ ۽ جارح مزاج بيٽسمينن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هو پنهنجي ٽي - ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 145 جي شاندار اسٽرائيڪ ريٽ سان …

لاهور-06 جنوري (اي پي پي) پشاور زلمي ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين سيزن کان اڳ افغانستان جي اسٽار وڪيٽ ڪيپر رحمان الله گرباز کي ڊائريڪٽ سائن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رحمان الله گرباز کي جديد ٽي -ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو خطرناڪ ۽ جارح مزاج بيٽسمينن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هو پنهنجي ٽي – ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 145 جي شاندار اسٽرائيڪ ريٽ سان 6 هزار 244 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي. ٽاپ آرڊر ۾ شاندار بيٽنگ ۽ وڪيٽن پٺيان بهترين مهارت سبب هو ڪنهن به ميچ جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پشاور زلمي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرباز جي شامل ٿيڻ سان ٽيم کي قيمتي عالمي تجربو حاصل ٿيندو ۽ اسڪواڊ وڌيڪ متوازن ۽ مضبوط ٿيندو. ان موقعي تي پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي رحمان الله گرباز جي آجيان ڪندي چيو ته زلمي فيملي ۾ سندس شموليت فخر جوڳي آهي.

مزید خبریں