لاهور - 6 فيبروري(اي پي پي) قومي هاڪي ٽيم پروهاڪي ليگ ۾ شرڪت لاءِ آسٽريليا رواني ٿي وئي آهي. قومي ٽيم عماد بٽ جي قيادت ۾ لاهور کان سڌيءَ ريت سڊني لاءِ رواني ٿي وئي آهي. پرو هاڪي ليگ جي سلسلي ۾ پاڪستاني ٽيم آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ پنهنجي ميچ کيڏندي. قومي ٽيم جي ميچ 10 فيبروري کان 14 فيبروري تائين شيڊيول آهي. جنهن ۾ پاڪستان کي جرمني ۽ …
قومي هاڪي ٽيم پروهاڪي ليگ ۾ شرڪت لاءِ آسٽرليا رواني
لاهور – 6 فيبروري(اي پي پي) قومي هاڪي ٽيم پروهاڪي ليگ ۾ شرڪت لاءِ آسٽريليا رواني ٿي وئي آهي. قومي ٽيم عماد بٽ جي قيادت ۾ لاهور کان سڌيءَ ريت سڊني لاءِ رواني ٿي وئي آهي. پرو هاڪي ليگ جي سلسلي ۾ پاڪستاني ٽيم آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ پنهنجي ميچ کيڏندي. قومي ٽيم جي ميچ 10 فيبروري کان 14 فيبروري تائين شيڊيول آهي. جنهن ۾ پاڪستان کي جرمني ۽ ميزبان آسٽريليا خلاف مقابلو ڪرڻو پوندو. ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ ٽيم پر عزم آهي ۽ رانديگر بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ جوش ۾ آهن.












