گڏيل قومون - 04 فيبروري (اي پي پي) اسلاموفوبيا بابت او آءِ سي ڪور گروپ جي سفيرن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي نئين صدر اينا لينا بائربوڪ سان گڏيل قومن جي ھيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. اھا ملاقات ايندڙ مھيني ملھائجندڙ گڏيل قومن جي اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينھن جي سلسلي ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسلاموفوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ يو اين الائنس آف …
او آءِ سي جي ملڪن جي سفيرن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان ملاقات
گڏيل قومون – 04 فيبروري (اي پي پي) اسلاموفوبيا بابت او آءِ سي ڪور گروپ جي سفيرن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي نئين صدر اينا لينا بائربوڪ سان گڏيل قومن جي ھيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. اھا ملاقات ايندڙ مھيني ملھائجندڙ گڏيل قومن جي اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينھن جي سلسلي ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسلاموفوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ يو اين الائنس آف سولائيزيشن جي اعليٰ نمائندي ميگوئل اينجل موراٽينوس به موجود ھو. پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ مستقل مشن طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق او آءِ سي ڪور گروپ جنرل اسيمبلي جي صدر سان 15 مارچ تي ملھائجندڙ اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينھن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته جنرل اسيمبلي جي ٺھرائن 254/76 ۾ متفق طور 15 مارچ تي اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينھن طور ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ھن ياد ڏياريو ته ھن ڏينھن جي پھرين تقريب 2023ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيھي وزيرن جي ڪائونسل OIC-CFM جي پاڪستاني صدارت دوران منعقد ٿي، جنھن کانپوءِ 2024ع ۽ 2025ع ۾ به باقاعده طور اھو ڏينھن ملھايو ويو. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينھن او آءِ سي لاءِ غير معمولي اھميت رکي ٿو ۽ اھو اسلاموفوبيا خلاف جدوجھد ۾ عالمي يڪجھتي جي علامت آھي.











