ماسڪو - 3 فيبروري (اي پي پي) روس چيو آهي ته يوڪرين ۾ ڪنهن به قسم جي پرڏيهي فوج جي جٿن جي مقرري يا بنيادي ڍانچي جي تعمير کي پرڏيهي مداخلت سمجهيو ويندو ۽ ان کي جائز هدف طور تي ڏٺو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جو حوالو ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته سرگئي لاروف …
يوڪرين ۾ پرڏيهي فوج آئي ته ان کي جائز هدف سمجهيو ويندو:روس
ماسڪو – 3 فيبروري (اي پي پي) روس چيو آهي ته يوڪرين ۾ ڪنهن به قسم جي پرڏيهي فوج جي جٿن جي مقرري يا بنيادي ڍانچي جي تعمير کي پرڏيهي مداخلت سمجهيو ويندو ۽ ان کي جائز هدف طور تي ڏٺو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جو حوالو ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته سرگئي لاروف ڄاڻايل موقف هڪ سوال جي جواب ۾ اختيار ڪيو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪردار کي به ساراهيو ويو ۽ چيو ته هو تڪرار جا اصل سبب سجهي ٿو. روس جي پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ” اولهه جي ملڪن طرفان يوڪرين ۾ فوجي جٿن جي مقرري،ويئر هائوسز ۽ ٻي بنيادي ڍانچي جي تعمير قبول ڪرڻ جوڳي ناهي ۽ ان کي پرڏيهي مداخلت ۽ روس جي سلامتي لاءِ سڌيءَ ريت خطرو سمجهيو ويندو. بيان ۾ اولهه جي انهن ملڪن جن امن معاهدي لاءِ يوڪرين ۾ امڪاني مقرري تي صلاح مشورو ڪيو، ان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪي به پرڏيهي فوجي جٿا مقرر ڪيا ويا خاص طور تي جرمني جا، ته اهي اسان جي هٿيار بند فوج جو جائز هدف بڻجي ويندا.











