قومي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ سريلنڪا روانو ٿي وئي

لاهور-02 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ لاهور کان سريلنڪا  لاءِ روانو ٿي وئي آهي. 15 رڪني قومي ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو. اسڪواڊ ۾ ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، فخر زمان، خواجه محمد نافع، محمد نواز، محمد سلمان مرزا، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، عثمان خان …

لاهور-02 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ لاهور کان سريلنڪا  لاءِ روانو ٿي وئي آهي. 15 رڪني قومي ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو. اسڪواڊ ۾ ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، فخر زمان، خواجه محمد نافع، محمد نواز، محمد سلمان مرزا، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، عثمان خان ۽ عثمان طارق شامل آهن. قومي ٽيم سريلنڪا پهچڻ کانپوءِ 2 ڏينهن مڪمل آرام ڪندي ته جئين رانديگر سفر جي ٿڪاوٽ مان نجات حاصل ڪري سگهن. پاڪستان ٽيم پنهنجي ورلڊ ڪپ تيارين جي باقاعده شروعات 4 فيبروري تي آئرلينڊ خلاف وارم اپ ميچ سان ڪندي، جتي ڪرڪيٽ شوقين کي قومي رانديگرن جي فارم ڏسڻ جو موقعو ملندو. ڪرڪيٽ شوقينن کي قومي ٽيم کان شاندار ڪارڪردگي جي ڀرپور اميد آهي.

مزید خبریں