برطانيه ۾ ٽن سالن جي ٻار پاران حيران ڪن ڪارنامو، گنيز بڪ ۾ عالمي رڪارڊ قائم

لنڊن -02 فيبروري(اي پي پي) برطانيه جي شهر مانچيسٽر سان تعلق رکندڙ ٽن سالن جي ٻار غير معمولي راندين جي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي گنيز بڪ آف ورلڊ جي رڪارڊز ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ننڍي عمر ۾ سنوڪر جهڙي مشڪل راند ۾ شاندار مهارت ڏيکاري ان ٻار سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. جوداوينز نالي اهو ٻار دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر جو رانديگر …

لنڊن -02 فيبروري(اي پي پي) برطانيه جي شهر مانچيسٽر سان تعلق رکندڙ ٽن سالن جي ٻار غير معمولي راندين جي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي گنيز بڪ آف ورلڊ جي رڪارڊز ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ننڍي عمر ۾ سنوڪر جهڙي مشڪل راند ۾ شاندار مهارت ڏيکاري ان ٻار سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. جوداوينز نالي اهو ٻار دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر جو رانديگر بڻجي ويو آهي جنهن سنوڪر ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ٽن سالن جي عمر ۾ هن هڪ ئي شاٽ ذريعي ٻه بال ٻن مختلف پاڪيٽس ۾ وجهڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو جنهن کي ڊبل پوٽ چيو وڃي ٿو. ان جي هڪ مهيني بعد هن بليئرڊز ۾ بينڪ شاٽ لڳائي هڪ ٻيو نئون رڪارڊ به ٺاهي ورتو. جوداوينزان کي ٻنهي نمائشي شاٽس کي ڪاميابي سان انجام ڏيندڙ دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر جو رانديگر قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته هو گنيز جي تاريخ جي ننڍي عمر جي ٻارن ۾ ٻه رڪارڊ رکندڙن ۾ به شامل ٿي ويو آهي. گنيز بڪ جي ايڊيٽر ان چيف ڪريگ گلينڊي ٻار جي صلاحيتن کي مهارت، جوش ۽ عزم جو شاندار نمونو قرار ڏنو.