نيويارڪ - 02 فيبروري(اي پي پي) عالمي منڊي ۾ گذريل ڏينھن سون جي قيمتن ۾ گھٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جتي اسپاٽ گولڊ جي قيمت 1.5 سيڪڙو جي گھٽتائي کانپوءِ 4793.97 آمريڪي ڊالرز في اونس تي اچي وئي آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل خميس تي سون جي قيمت 5594.82 آمريڪي ڊالرز في اونس جي رڪارڊ ترين سطح تائين پھچي وئي ھئي، جڏھن ته گذريل ڏينھن سون جي قيمت گھٽجڻ کانپوءِ 4793.97 …
عالمي منڊي ۾ سون جي قيمتن ۾ گھٽتائي رڪارڊ
نيويارڪ – 02 فيبروري(اي پي پي) عالمي منڊي ۾ گذريل ڏينھن سون جي قيمتن ۾ گھٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جتي اسپاٽ گولڊ جي قيمت 1.5 سيڪڙو جي گھٽتائي کانپوءِ 4793.97 آمريڪي ڊالرز في اونس تي اچي وئي آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل خميس تي سون جي قيمت 5594.82 آمريڪي ڊالرز في اونس جي رڪارڊ ترين سطح تائين پھچي وئي ھئي، جڏھن ته گذريل ڏينھن سون جي قيمت گھٽجڻ کانپوءِ 4793.97 آمريڪي ڊالرز في اونس تي اچي وئي آهي جڏھن ته فيبروري مهيني لاءِ آمريڪي سون جي فيوچرز ۾ 1.6 سيڪڙو جي اضافي سان اگهه 4818.10 آمريڪي ڊالرز في اونس تي پھچي ويو. ٻين قيمتي ڌاتن ۾ اسپاٽ سلور جي قيمت 1.6 سيڪڙو جي اضافي سان 85.98 آمريڪي ڊالر في اونس تي اچي وئي، جڏھن ته گذريل خميس تي چاندي جي قيمت 121.64 آمريڪي ڊالرز في اونس جي رڪارڊ بلند ترين سطح تي اچي وئي ھئي. ان کان علاوه اسپاٽ پلاٽينم جي قيمت 2 سيڪڙو جي گھٽتائي کانپوءِ 2120.05 آمريڪي ڊالرز في اونس ۽ پيلاڊيم جي قيمت 0.9 سيڪڙو جي گھٽتائي کان پوءِ 1682.59 آمريڪي ڊالرز في اونس رڪارڊ ڪئي وئي.











