ايران يورپي فوج کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي ڇڏيو

تهران-02 فيبروري(اي پي پي) ايران آءِ آر جي سي جي نامزدگي کانپوءِ يورپي فوج کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر غالباف چيو آهي ته اهو يورپي يونين پاران ايران جي پاسداران انقلاب (آءِ آر جي سي) کي پنهنجي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي جو ردعمل آهي. ايران جي پارليامينٽ ميمبرن قانون سازي جي اجلاس ۾ پاسداران انقلاب سان يڪجهتي …

تهران-02 فيبروري(اي پي پي) ايران آءِ آر جي سي جي نامزدگي کانپوءِ يورپي فوج کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر غالباف چيو آهي ته اهو يورپي يونين پاران ايران جي پاسداران انقلاب (آءِ آر جي سي) کي پنهنجي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي جو ردعمل آهي. ايران جي پارليامينٽ ميمبرن قانون سازي جي اجلاس ۾ پاسداران انقلاب سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سائي رنگ جي وردي پاتي هئي، جتي هنن ”مرگ بر آمريڪا“، ”مرگ بر اسرائيل“ ۽ ”يورپ کي شرم اچڻ گهرجي“ جا نعرا لڳايا. بلاڪ جي ”غير ذميوارڻن قدمن“ تي شديد تنقيد ڪندي اسپيڪر محمد باقر غالباف چيو ته آءِ آر جي سي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ خلاف روڪٿام وارن قدمن جي قانوي شق 7 تحت يورپي ملڪن جي فوج کي دهشتگرد گروپ تصور ڪيو پيو وڃي.