قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي سالگره ملهائي وئي

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي سالگره پهرين فيبروري (آچر) تي ملهائي وئي. هو 1982ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. شعب ملڪ 2007ع کان 2009ع تائين پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان به رهيو. هن 1999ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف هڪ ڏينهن واري ميچ سان عالمي ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي ۽ 2001ع ۾ بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو. شعيب ملڪ …

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي سالگره پهرين فيبروري (آچر) تي ملهائي وئي. هو 1982ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. شعب ملڪ 2007ع کان 2009ع تائين پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان به رهيو. هن 1999ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف هڪ ڏينهن واري ميچ سان عالمي ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي ۽ 2001ع ۾ بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو. شعيب ملڪ 3 نومبر 2015ع کان 2019ع تائين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. هو ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيترائي قومي ۽ عالمي رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي. سالگره جي موقعي تي شعيب ملڪ جي گهر ڀاتين، ڪرڪيٽ جي شوقينن پاران سالگره جي تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سندس وڏي ڄمار لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.

مزید خبریں