تهران-01 فيبروري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان زور ڀريو آهي ته آمريڪا سان ڪا به جنگ ايران جي حق ۾ ناهي ۽ نه ئي خطي جي فائدي ۾ آهي. هن اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ ڏنو آهي جڏهن آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي فوجي حملي جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مسعود پزشڪيان مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي …
جنگ ايران، آمريڪا ۽ خطي سميت ڪنهن جي به فائدي ۾ ناهي: ايران جو صدر
تهران-01 فيبروري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان زور ڀريو آهي ته آمريڪا سان ڪا به جنگ ايران جي حق ۾ ناهي ۽ نه ئي خطي جي فائدي ۾ آهي. هن اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ ڏنو آهي جڏهن آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي فوجي حملي جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مسعود پزشڪيان مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته ايران ڪڏهن به جنگ جي ڳولا ۾ نه رهندو ۽ ان کي يقين آهي ته جنگ ايران، آمريڪا يا خطي جي فائدي ۾ ناهي. مصر جي صدارتي آفيس جي ترجمان محمد الشناوي چيو ته ان ٽيليفونڪ رابطي م ايران جي ايٽمي معاملي تي ڳالهيون ٿيون ۽ صدر عبدالفتاح السيسي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن زور ڀريو ته ٽڪراءَ کان بچڻ ضروري آهي ۽ فوجي آپريشن ڪنهن مسئلي جو حل نه هئڻ گهرجي. سفارتي حل ئي بحران کي حل ڪرڻ جو واحد ۽ بهترين رستو آهي ته جيئن وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کان بچي سگهجي. هن چيو ته مصر پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکندو ته جيئن آمريڪا ۽ ايران ٻيهر ڳالهين جي ميز تي اچن. ايران جي ايٽمي معاملي جو پرامن ۽ جامع حل نڪري جيڪو علائقائي ۽ عالمي استحڪام کي هٿي ڏيندو.












