يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ روسي نمائندي سان لاڀائتيُون ملاقاتون ٿيون آهن: آمريڪي ايلچي

واشنگٽن – 01 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي نمائندي اسٽيووٽڪوف اعلان ڪيو آهي ته يوڪرين ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪي ٽياڪڙي جي فريم ورڪ تحت روسي نمائندي ڪيريل دمتريوڪي سان لاڀائتيُون ملاقاتون ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽيووٽڪوف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته آمريڪي وفد گذريل ڏينهن فلوريڊا ۾ روس جي خاص نمائندي ڪيريل دمتريوڪي سان نتيجي جوڳيون ۽ تعميري ملاقاتون ڪيون. هن انهن …

واشنگٽن – 01 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي نمائندي اسٽيووٽڪوف اعلان ڪيو آهي ته يوڪرين ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪي ٽياڪڙي جي فريم ورڪ تحت روسي نمائندي ڪيريل دمتريوڪي سان لاڀائتيُون ملاقاتون ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽيووٽڪوف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته آمريڪي وفد گذريل ڏينهن فلوريڊا ۾ روس جي خاص نمائندي ڪيريل دمتريوڪي سان نتيجي جوڳيون ۽ تعميري ملاقاتون ڪيون. هن انهن ملاقاتن کي همٿائيندڙ قرار ڏيندي چيو ته اهي ملاقاتون ظاهر ڪن ٿيون ته روس يوڪرين ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. پوسٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آمريڪي وفد ۾ اسٽيوٽڪوف سان ناڻي وارو وزير اسڪاٽ بيسنٽ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊڪشنر ۽ وائٽ هائوس جو صلاحڪار جوش گرونباوم به شامل هئا. ٻئي پاسي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي نمائندي به واشنگٽن جي وفد سان ملاقاتن کي تعميري قرار ڏنو آهي. ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته يوڪرين امن ڳالهين جي حوالي سان آمريڪا مان وڌيڪ معلومات جو منتظر آهي ۽ کيس ايندڙ هفتي نين ملاقاتن جي توقع آهي.