رياض – 01 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي ميڊيا فورم 2026ع 2 فيبروري سومر کان شروع ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي هيٺ ٽين ڏينهن واري فورم جي پنجين ايڊيشن جو عنوان ”ميڊيا ان اي شيپنگ ورلڊ“ آهي. فورم ۾ 300 کان وڌيڪ انٽرنيشنل ايڪسپرٽس ۽ اسپيشلسٽ 150 ڊائيلاگ سيشنز ۾ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ …
سعودي عرب ۾ رياض ۾ سعودي ميڊيا فورم 2026ع 2 فيبروري کان شروع ٿيندو
رياض – 01 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي ميڊيا فورم 2026ع 2 فيبروري سومر کان شروع ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي هيٺ ٽين ڏينهن واري فورم جي پنجين ايڊيشن جو عنوان ”ميڊيا ان اي شيپنگ ورلڊ“ آهي. فورم ۾ 300 کان وڌيڪ انٽرنيشنل ايڪسپرٽس ۽ اسپيشلسٽ 150 ڊائيلاگ سيشنز ۾ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ ميڊيا جي اڀرندڙ منظر نامي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. پروڊڪشن، براڊڪاسٽنگ ۽ ڊسٽري بيوشن جي شعبن ۾ جديد فني حل به پيش ڪيا ويندا جڏهن ته سعودي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ معاهدي به متوقع آهن. سعودي عرب جي اطلاعات واري وزير سلمان الدوسري ٻڌايو ته سعودي ويزن 2030ع جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي فورم جو پنجون ايڊيشن خاص اهميت رکي ٿو، هڪ ڏهاڪي دوران سعودي ميڊيا هڪ گلوبل انفلوئنسر طور اڀريو آهي. ان فورم جو مقصد مصنوعي ذهانت ۽ تبديل ٿيندڙ درپيش چيلنجز کي منهن ڏيڻ آهي.












