لاهور -31 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جون انڊر-19 ٽيمون ورلڊڪپ جي سيمي فائينل ۾ ڪواليفائي ڪرڻ لاءِ (اڄ) پهرين فيبروري تي سپر سڪس مرحلي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. انگلينڊ، آسٽريليا ۽ افغانستان جون ٽيمون سيمي فائينل لاءِ اڳ ئي ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن. انڊر-19 سپر سڪس مقابلي ۾ ڀارت جي ڪاميابي ان کي سيمي فائينل ۾ پهچائي ڇڏيندي جڏهن ته پاڪستان جي ڀارت خلاف رڳو ڪامياب هن کي …
پاڪستان ۽ ڀارت انڊر-19 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل تائين پهچڻ لاءِ پهرين فيبروري تي مُقابلو ڪندا

مزید خبریں
لاهور -31 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جون انڊر-19 ٽيمون ورلڊڪپ جي سيمي فائينل ۾ ڪواليفائي ڪرڻ لاءِ (اڄ) پهرين فيبروري تي سپر سڪس مرحلي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. انگلينڊ، آسٽريليا ۽ افغانستان جون ٽيمون سيمي فائينل لاءِ اڳ ئي ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن. انڊر-19 سپر سڪس مقابلي ۾ ڀارت جي ڪاميابي ان کي سيمي فائينل ۾ پهچائي ڇڏيندي جڏهن ته پاڪستان جي ڀارت خلاف رڳو ڪامياب هن کي سيمي فائينل تائين پهچ ڏيندي ان کي ڀارت خلاف وڏي مارجن سان ڪاميابي جي ضرورت آهي. ڇو ته ڀارت جو رن ريٽ پاڪستان کان وڌيڪ بهتر آهي. پي سي بي جي ترجمان موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري مقابلو اي سي سي انڊر-19 ايشيا ڪپ جي فائينل ۾ ٿيو، جتي پاڪستان ڀارت کي 191 رنسن سان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.











