نيويارڪ -31 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سمورن 193 ميمبر ملڪن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ عالمي اداري جي موجوده مالي ڏکيائين ۽ امڪاني ليڪوئڊ بحران کان خبردا ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق موجب ان موڪليل خط جو بنيادي مقصد عالمي اداري جي موجوده مالي صورتحال جي سنگين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ترجمان ٻڌايو ته انتونيو …
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ميمبر ملڪن کي مالي بحران کان خبردار ڪري ڇڏيو
نيويارڪ -31 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سمورن 193 ميمبر ملڪن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ عالمي اداري جي موجوده مالي ڏکيائين ۽ امڪاني ليڪوئڊ بحران کان خبردا ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق موجب ان موڪليل خط جو بنيادي مقصد عالمي اداري جي موجوده مالي صورتحال جي سنگين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ترجمان ٻڌايو ته انتونيو گوتريش ميمبر ملڪن پاران بقايائن جي ادائگي ۾ دير ۽ غير ادا ٿيل بجيٽ جي پيسن کي واپس ڪرڻ واري مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. اهي ٻئي عمل اسان کي غير پائيدار مالي رستي تي آڻي رهيا آهن. هن نوٽ ڪرايو ته گڏيل قومن جي سربراهه نومبر 2025ع ۾ پهريون به خبردار ڪيو هو ته اٽڪل 300 ملين ڊالرن جي ڪريڊٽس واپر ڪرڻ سان هن سال گڏيل قومن جي بجيٽ ۾ ليڪوئڊي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ۽ هاڻي ظاهر آهي اسان ان بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون. جيئن ته گذريل سال 150 کان وڌيڪ ميمبر ملڪ پنهنجون بقايائون ادا ڪيون. گڏيل قومن 2025ع جي پڄاڻي تي رڪارڊ 1.56 بلين ڊالرن جون رهتون داخل ڪيون جيڪي پوئين سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻيون آهن.












