ماسڪو ۾ 200 سالن جي سڀني کان وڌيڪ برفباري رڪارڊ

ماسڪو-31 جنوري (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ هلندڙ مهيني گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته جنوري جو مهينو ماسڪو ۾ ٿڌو ۽ غير معمولي طور تي برفيلو رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 29 جنوري تائين ماسڪو اسٽيٽ يونيورستي موسمياتي مشاهداتي …

ماسڪو-31 جنوري (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ هلندڙ مهيني گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته جنوري جو مهينو ماسڪو ۾ ٿڌو ۽ غير معمولي طور تي برفيلو رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 29 جنوري تائين ماسڪو اسٽيٽ يونيورستي موسمياتي مشاهداتي مرڪز اٽڪل 92 ملي ميٽر برفباري رڪارڊ ڪئي، جيڪا گذريل 203 سالن ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي. ميڊيا ۾ جاري ڪيل تصويرن ۾ ڏٺو ويو ته شهر جا اٽڪل هڪ ڪروڙ 30 لک رهائشي مرڪزي ضلعي جي روڊن تي برف جي ڍير مان گذرڻ لاءِ رستو ٺاهڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ روس جي ڏورانهن جي اوڀر واري علائقي ڪامچٽڪا ۾ هڪ شديد برفاني طوفان سبب هنگامي صورتحال جو اعلان ڪيو ويو جنهن ان جي اهم شهر کي جزوي طور مفلوج ڪري ڇڏيو. آن لائن وائرل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برف جا چير ايترا وڏا هئا جو اهي عمارتن جي ٻئين ماڙ تائين پهچي ويا ۽ ماڻهن روڊن ۾ رستو ٺاهڻ لاءِ برف کوٽي رهيا هئا، جڏهن ته گاڏيون ٻنهي پاسن کان برف سان ڍڪيل هيون.