لاهور -30 جنوري (اي پي پي ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي -20 سيريز جو ٻيو ميچ ڇنڇر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستاني ٽيم کي مهمان آسٽريلوي ٽيم خلاف سيريز ۾ 0-1 جي ڪاميابي حاصل آهي. هر ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو ته جئين ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ ميڊيا نمائندن کي ٽيمن جي خيالن کان آگاهه ڪري سگهجي.اڄوڪي …
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي – 20 سيريز جو ٻيو ميچ 31 جنوري تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو

مزید خبریں
لاهور -30 جنوري (اي پي پي ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي -20 سيريز جو ٻيو ميچ ڇنڇر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستاني ٽيم کي مهمان آسٽريلوي ٽيم خلاف سيريز ۾ 0-1 جي ڪاميابي حاصل آهي. هر ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو ته جئين ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ ميڊيا نمائندن کي ٽيمن جي خيالن کان آگاهه ڪري سگهجي.اڄوڪي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪاميابي جي صورت ۾ سيريز 1- 1 تان برابر ٿي ويندي ۽ پوءِ ٽئين ۽ آخري ميچ فيصلائتي حيثيت اختيار ڪري ويندي. واضع رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ هن وقت تائين کيڏيل ٽي – ٽوئنٽي ميچن جو رڪارڊ انتهائي دلچسپ رهيو آهي.











