انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ اڄ وڌيڪ 4 ميچون کيڏيون وينديون

لنڊن - 30 جنوري(اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ اڄ (ڇنڇر ڏينهن) وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . پهرين ميچ برائن اينڊ هووالبيون ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي . ٻي ميچ ليڊرز يونائيٽيڊ ۽ آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي …

لنڊن – 30 جنوري(اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ اڄ (ڇنڇر ڏينهن) وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . پهرين ميچ برائن اينڊ هووالبيون ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي . ٻي ميچ ليڊرز يونائيٽيڊ ۽ آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٽين ميچ ۾ وولور هيمپٽن ۽ بورن مائوٿ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ مولينڪس اسٽيڊيم . وولورهيمپٽن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 31 جنوري جي چوٿين ۽ آخري ميچ چيلسي ۽ ويسٽ هيم يونائيٽد وچ ۾ لنڊن ۾ کيڏي ويندي . انگلش پريميئر فٽ بال جو 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جيڪو مجموعي طورتي ٽاپ فلائٽ فٽ بال جو 127 هون ايڊيشن آهي. ليور پول جي ٽيم اي پي ايل  ۾ پنهنجي اعزاز جي دفاع لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. انگلش پريمئير ليگ جي ايندڙ سيزن ۾ شامل 20 ڪلبن جي ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئين ۾ دفاعي چيمپئين ليورپول، آرسنل، آسٽن والا، بورن مائوٿ ، برينٽ فورڊ، برائن هووالبيون، برنلي، چيلسي، ڪرسٽل پلس، ايورٽن ، فلهم ، ليڊز يونائيٽيڊ، مانچسٽر يونائيٽيڊ ، نيوڪيسل يونائيٽيڊ ، ناٽنگهم فارسٽ، هاٽ پور، ويسٽ هيم يونائيٽيڊ ۽ وولور هيمپٽن شامل آهن.

مزید خبریں