نيوزيلينڊ پاران ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ بين سيئرز کي ٽريولنگ ريزرو رانديگر طور شامل

ويلنگٽن -30 جنوري (اي پي پي) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ (اين زيڊ سي) آءِ سي سي ٽي -ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ فاسٽ بالر بين سيئرز کي ٽريولنگ ريزرو رانديگر طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جو بين سيئرز تازو ئي هيمسٽرنگ انجري مان صحتياب ٿي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري چڪو آهي، جتي هن 17.93 جي سراسري سان 15 وڪيٽون حاصل ڪيون. کيس …

ويلنگٽن -30 جنوري (اي پي پي) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ (اين زيڊ سي) آءِ سي سي ٽي -ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ فاسٽ بالر بين سيئرز کي ٽريولنگ ريزرو رانديگر طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جو بين سيئرز تازو ئي هيمسٽرنگ انجري مان صحتياب ٿي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري چڪو آهي، جتي هن 17.93 جي سراسري سان 15 وڪيٽون حاصل ڪيون. کيس ان وقت ريزرو اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ايڊم ملني جي انجري سبب ڪائل جيميسن کي مرڪزي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو. بين سيئرز 5 فيبروري تي آمريڪا خلاف نيوزيلينڊ جي وارم اپ ميچ کان اڳ ممبئي ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم آچر تي ڀارت خلاف ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ پنهنجي آخري ميچ کيڏندي، جنهن ۾ ڀارت کي 1-3 جي برتري حاصل آهي. ڪيويز ٽيم پنهنجي ورلڊڪپ مهم جي شروعات 8 فيبروري تي افغانستان جي ٽيم خلاف چنائي ۾ ميچ سان ڪندي.

مزید خبریں