نيامي-30 جنوري (اي پي پي) نائيجر جي فوجي حڪومت فرانس، بينن ۽ آئيوري ڪوسٽ تي پنهنجي گادي واري شهر نيامي جي فوجي هوائي اڏي تي حملي ۾ پرڏيهي سهڪار جو الزام لڳايو آهي ۽ ان حملي کي ناڪام ڪرڻ ۾ مدد تي روس جو ٿورو مڃيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق جنرل عبدالرحماني تياني، جنهن 2023ع جي بغاوت ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو، سرڪاري ٽيليويزن تي خطاب ۾ فرانس …
نائيجر جي گادي واري شهر نيامي جي فوجي هوائي اڏي تي حملو، 20 حملو ڪندڙن سميت 24 ڄڻا مارجي ويا
نيامي-30 جنوري (اي پي پي) نائيجر جي فوجي حڪومت فرانس، بينن ۽ آئيوري ڪوسٽ تي پنهنجي گادي واري شهر نيامي جي فوجي هوائي اڏي تي حملي ۾ پرڏيهي سهڪار جو الزام لڳايو آهي ۽ ان حملي کي ناڪام ڪرڻ ۾ مدد تي روس جو ٿورو مڃيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق جنرل عبدالرحماني تياني، جنهن 2023ع جي بغاوت ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو، سرڪاري ٽيليويزن تي خطاب ۾ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون، بينن جي پيٽرس ٽيلون ۽ آئيوري ڪوسٽ جي صدر الاساني اواتارا تي نيامي جي فوجي ايئرپورٽ تي حملي جو الزام لڳايو پر هن ان دعويٰ جي حق ۾ ڪو ثبوت پيش ناهي ڪيو. ٻئي پاسي فرانس، بينن ۽ آئيوري ڪوسٽ هن وقت تائين اهڙي دعويٰ تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو. دفاع واري وزارت چيو آهي ته حملي ۾ 4 فوجي اهلڪار ۽ 20 حملو ڪندڙ مارجي ويا جن ۾ فرانس جو هڪ شهري به شامل آهي. هن ٻڌايو ته وڌيڪ 11 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.












