پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي 22 رنسن تان هارائي ڇڏيو

لاهور-29 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ٽن ميچن تي ٻَڌل ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز جي پهرين مقابلي ۾ صائم ايوب جي شاندار آل رائونڊر ڪارڪردگيءَ عيوض آسٽريليا کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪالهه لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ ميزبان ٽيم رنگ برنگي روشنين ۾ سيريز جي شروعات ڪئي. 168 رنسن جي مجموعي هدف جو دفاع ڪندي پاڪستاني بالرزن انتهائي اعتماد ۽ پُرجوش بالنگ جو …

لاهور-29 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ٽن ميچن تي ٻَڌل ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز جي پهرين مقابلي ۾ صائم ايوب جي شاندار آل رائونڊر ڪارڪردگيءَ عيوض آسٽريليا کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪالهه لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ ميزبان ٽيم رنگ برنگي روشنين ۾ سيريز جي شروعات ڪئي. 168 رنسن جي مجموعي هدف جو دفاع ڪندي پاڪستاني بالرزن انتهائي اعتماد ۽ پُرجوش بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪينگروز کي مقرر 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو. ميچ جي هيرو صائم ايوب پهرين شاندار بيٽنگ سان ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ پوءِ بالنگ ۾ ٻه اهم وڪيٽون حاصل ڪري آسٽريلوي بيٽنگ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. آسٽريليا پنهنجي اننگز جي شروعات جارحاڻي انداز ۾ ڪئي، جتي ميٿيو شارٽ ۽ وقتي ڪپتان ٽريوس هيڊ شروعاتي ٻن اوورز ۾ ئي اسڪور 21 رنسن تائين پهچايو. جڏهن ته صائم ايوب ٻئين اوور ۾ ميٿيو شارٽ کي پويلين جو رستو ڏيکاري پهرين ڪاميابي ماڻي ۽ پوءِ خطرناڪ رانديگر ٽريوس هيڊ کي به آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن 13 بالرن تي ٻن ڇڪن ۽ ٻن چؤڪن جي مدد سان 23 رنسون بڻايون. انهن ٻنهي رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ سان رنسن ۾ بريڪ لڳي وئي ۽ پاڪستان کي ميچ تي گرفت مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ڪيمرون گرين 36 رنسون بڻائي اننگز سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستاني فيلڊرز جي چستي ۽ وقت تي ورتل وڪيٽن مهمان ٽيم کي ترسڻ نه ڏنو. مڊل اوورز ۾ ابرار احمد جي جادوئي بالنگ فيصلائتي ثابت ٿي، جنهن پنهنجي 4 اوورز ۾ 10 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. آسٽريلوي ٽيم هڪ موقعي تي 112 رنسن تي 8 وڪيٽن وڃائي چڪي هئي جڏهن ٽيل اينڊرز ۾ زيويئر بارٽليٽ جي ناقابل شڪست 34 رنسن مجموعي اسڪور کي ڪنهن حد تائين بهتر بڻايو. ان کان اڳ پاڪستان جي اننگز جو بنياد صائم ايوب ۽ ڪپتان سلمان علي آغا وچ ۾ ٻي وڪيٽ لاءِ ٿيل اهم اڳڀرائي تي رکيو ويو. صاحبزاده فرحان جي پهرين ئي بال تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ان جوڙيءَ 74 رنسون جوڙيون. صائم ايوب فقط 22 بالن تي 40 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي جنهن ۾ 3 چؤڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته سلمان علي آغا 27 بالن تي 39 رنسون بڻايون. آسٽريلوي اسپنر ايڊم زمپا مڊل اوورز ۾ بهترين اسپيل ذريعي راند جو رُخ موڙيو ۽ ٻنهي بيٽسمينن کان علاوه بابر اعظم کي به آئوٽ ڪيو جنهن 24 رنسون بڻايون. اننگز جي آخري لمحن ۾ پاڪستان کي تيزي سان رنسون بنائڻ ۾ ڏُکيائيءَ کي مُنهن ڏيڻو پيو ۽ وڪيٽون ڪِرنديون ويون پر محمد نواز جي 15 رنسن عيوض ٽيم هڪ مقابلي واري اسڪور تائين پهچي وئي. ايڊم زمپا 24 رنسن عيوض 4 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته زيويئر بارٽليٽ ۽ پهريون ميچ کيڏندڙ لي بيئرڊمين 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

مزید خبریں