لاهور-29 جنوري (اي پي پي) لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ کانپوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين جو ٿورو ادا ڪيو. پي سي بي چيئرمين آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن جي قذافي اسٽيڊيم پهچڻ کي به ساراهيو. ان موقعي تي آسٽريليا جي چيف آف ڪرڪيٽ جيمز السوپ، بورڊ ميمبر جوش روول ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن …
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ کانپوءِ پي سي بي چيئرمين آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جو ٿورو ادا ڪيو

مزید خبریں
لاهور-29 جنوري (اي پي پي) لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ کانپوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين جو ٿورو ادا ڪيو. پي سي بي چيئرمين آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن جي قذافي اسٽيڊيم پهچڻ کي به ساراهيو. ان موقعي تي آسٽريليا جي چيف آف ڪرڪيٽ جيمز السوپ، بورڊ ميمبر جوش روول ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او پول مارش به موجود هئا. آسٽريلوي مهمانن قذافي اسٽيڊيم ۾ انتظامن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي جوش ۽ جذبي جي تعريف ڪئي.











