اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري اي ڊي پورٽس گروپ تي زور ڀريندي چيو آهي ته بندرگاهه جي آپريشنز کي وڌيڪ ڪاربارو دوست بنائڻ لاءِ ٽرمينل ڪارگو هينڊلنگ چارجز کي موزون بڻايو وڃي. وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ اي ڊي پورٽس گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ڌُرين ڪراچي …
اي ڊي پورٽس گروپ ڪارگو هينڊلنگ چارجز کي موزون بڻائي: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري اي ڊي پورٽس گروپ تي زور ڀريندي چيو آهي ته بندرگاهه جي آپريشنز کي وڌيڪ ڪاربارو دوست بنائڻ لاءِ ٽرمينل ڪارگو هينڊلنگ چارجز کي موزون بڻايو وڃي. وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ اي ڊي پورٽس گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ڌُرين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ جاري رٿائن جو به جائزو ورتو. اي ڊي گروپس جي وفد جي قيادت ريجنل سي اي او عبدالعزيز زيد الشمسي ڪري رهيو هو ۽ وفد ۾ نائب صدر ريئل اسٽيٽ عبدالله الانصاري، بورڊ ميمبر ڪي جي ٽي ايل/ڪي جي ٽي ايم ايل مصطفيٰ احمد، ڪنٽري هيڊ پاڪستان اي ڊي پورٽس عادل الحسيني، سي اي او جي ٽي ايل/ڪي جي ٽي ايم ايل خرم عزيز خان، پراجيڪٽ مئنيجر ريئل اسٽيٽ عدنان باليٿ ۽ـ ليگل ايڊوائيزر صبور ڪرامت شامل هئا. وفاقي وزير ڪي جي ٽي ايل ۽ ڪي جي ٽي ايم ايل ٽرمينلز تي ڪارگو هينڊلنگ جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۽ ان ۾ واڌ لاءِ ڪرينن ۽ لوڊرز سميت ميڪنائزيشن ۽ ڊجيٽلائزيشن اوزارن جي خريداري کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي اي ڊي پورٽس گروپ موجوده ڪارگو هينڊلنگ چارجز جو جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ان مقصد لاءِ هڪ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي وئي آهي. واضح رهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) شاهد احمد، ايس بي ٽي ۽ اي ڊي پورٽس گروپ جي ڪنٽري نمائندي تي ٻَڌل ڪميٽي ان حوالي سان 7 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.











