اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري پاڪستان ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ، تحقيق ۽ ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار ۾ نمايان واڌ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي هاڻ فقط هڪ صنعتي شعبو ناهي پر قومي خودمختياري، ڊجيٽل معيشت ۽ مستقبل جي عالمي چٽاڀيٽي جو بنيادي ٿنڀ …
سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري روزگار، تحقيق ۽ روانگي واپار ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿي: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري پاڪستان ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ، تحقيق ۽ ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار ۾ نمايان واڌ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي هاڻ فقط هڪ صنعتي شعبو ناهي پر قومي خودمختياري، ڊجيٽل معيشت ۽ مستقبل جي عالمي چٽاڀيٽي جو بنيادي ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. اهڙو اظهار هن بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ۾ رٿيل قومي سيمي ڪنڊڪٽر رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس کي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو انتظام يونيورسٽيءَ جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر احمد سعد الاحمد جي ويزن تحت ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ پاليسي سازن، صنعت، يونيورسٽين ۽ تحقيقاتي ادارن وچ ۾ ويجهي سهڪار تي زور ڀريو ويو ته جيئن پاڪستان ۾ هڪ مضبوط ۽ پائيدار سيمي ڪنڊڪٽر ايڪو سسٽم جو بنياد رکي سگهجي. وفاقي وزير ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ کي وقت سر ۽ قومي ضرورت سان هم آهنگ قرار ڏيندي چيو ته يونيورسٽين کي فقط تدريس ۽ تحقيق تائين محدود رهڻ نه گهرجي پر قومي ترقيءَ جي رُخ جي تعين ۾ فعال ۽ فڪري قيادت جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سيمي ڪنڊڪٽر جهڙن تزويراتي شعبن ۾ ٿنڪ ٽينڪس، پاليسي پليٽ فارمز ۽ صنعتي رابطن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته اها ڪانفرنس وزيراعظم جي فليگ شپ پروگرام INSPIRE ۽ آڪٽوبر 2025ع ۾ شروع ڪيل قومي سيمي ڪنڊيڪٽر قدمن سان مڪمل هم آهنگ آهي. هن چيو ته سيمي ڪنڊڪٽر هاڻ پاڪستان جي قومي ترجيح بڻجي چڪو آهي ۽ ان کي اُڏام پاڪستان ويزن سان ڳنڍيو ويو آهي جنهن جو هدف 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر معيشت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان موقعي تي يونيورسٽيءَ جي صدر خطاب ڪندي سيمي ڪنڊڪٽر صنعت جي عالمي وسعت ۽ پاڪستان لاءِ ان جي اسٽريٽجڪ اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته سيمي ڪنڊڪٽر شعبو پاڪستان جي معاشي مضبوطي، ڊجيٽل خودمختياري ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ افرادي قوت جي تياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.











