اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 13 ملين ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 21.29 ارب ڊالر ٿي ويا. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب 23 جنوري تي اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا مجموعي ذخيرا 21.29 ارب ڊالر هئا. اسٽيٽ بئنڪ جي تحويل ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16.10 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي تحويل ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي …
ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 13 ملين ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 21.29 ارب ڊالر ٿي ويا: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 13 ملين ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 21.29 ارب ڊالر ٿي ويا. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب 23 جنوري تي اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا مجموعي ذخيرا 21.29 ارب ڊالر هئا. اسٽيٽ بئنڪ جي تحويل ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16.10 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي تحويل ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا خالص ذخيرا 5.19 ارب ڊالر هئا. 23 جنوري تي ختم ٿيل هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 13 ملين ڊالرن جي واڌ سان 16.10 ارب ڊالر ٿي ويا.











