گڏيل قومون-29 جنوري (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته هو آمريڪي قيادت ۾ قائم ٿيل بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪو سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تحت فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق ۽ رياست جي قيام تي ٻڌل ڊگهي امن جي قيام لاءِ ڪم ڪندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد وچ اوڀر جي …
غزه ۾ جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون جاري، عام شهرين جون زندگيون خطري ۾ آهن: سفير عاصم افتخار احمد
گڏيل قومون-29 جنوري (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته هو آمريڪي قيادت ۾ قائم ٿيل بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪو سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تحت فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق ۽ رياست جي قيام تي ٻڌل ڊگهي امن جي قيام لاءِ ڪم ڪندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد وچ اوڀر جي صورتحال فلسطين مسئلي سميت، سلامتي ڪائونسل جي بحث کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادري، خاص ڪري سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها نئين سفارتي ڪوششن کي فلسطيني عوام جي بهتري لاءِ زميني حقيقتن ۾ ٺوس تبديلي ۾ تبديل ڪري. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو حل نه ٿيڻ وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي، جڏهن ته ڏهاڪن تي ٻڌل اسرائيلي قبضي جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام کي بي دخلي، جبر ۽ خود اراديت واري حق کان محرومي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن امن منصوبي جي ٻي مرحلي جي شروعات کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته غزه جي انتظاميه لاءِ قومي ڪميٽي جو قيام، بورڊ آف پيس ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽين جي جوڙجڪ جهڙن قدمن کي جنگ بندي جي استحڪام، مستقل طور تي جنگ جي خاتمي، عبوري انتظامن، بحالي ۽ نئين سر تعمير، وڏي پئماني تي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطيني رياست جي قيام طرف هڪ اعتماد جوڳي سياسي عمل جو بنياد بڻجڻ گهرجي. هن غزه جي نازڪ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جنگ بندي جون خلاف ورزيون جاري آهن ۽ عام شهرين جي جانين کي خطرو آهي. پاڪستاني نمائندي اسرائيل طرفان گڏيل قومن جي ٺڪاڻن ۽ فلسطينين جي مدد لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن تي حملن جي شديد مذمت ڪئي، هن چيو ته اهڙا قدم استحڪام جي ڪوششن کي نقصان پهچائن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گروپ آف -8 جي ٻين ملڪن سان گڏجي بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيو آهي ۽ ان جي مينڊيٽ جي حمايت ڪري ٿو جنهن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ 2803 ۾ توثيق ڪئي وئي آهي. هن گروپ جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ امن ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فلسطيني قيادت ۾ حڪمراني، اداره جاتي مضبوطي ۽ فلسطيني اٿارٽي جو مرڪزي ڪردار ضروري آهي ۽ اهي هدف عالمي برادري جي اجتماعي خواهش آهن.












