طاقت جو استعمال مسئلن جو حل ناهي، چين پاران ايران خلاف فوجي مهم کان خبردار ڪرڻ جي تنبيهه

گڏيل قومون-29 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي مهم کان خبردار ڪندي چيو آهي ته طاقت جو استعمال مسئلن جو حل ناهي ۽ اهڙا قدم وچ اوڀر کي غير يقيني واري صورتحال جو شڪار ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين سميت وچ اوڀر تي ٿيل هڪ کليل بحث کي خطاب ڪندي چين جي …

گڏيل قومون-29 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي مهم کان خبردار ڪندي چيو آهي ته طاقت جو استعمال مسئلن جو حل ناهي ۽ اهڙا قدم وچ اوڀر کي غير يقيني واري صورتحال جو شڪار ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين سميت وچ اوڀر تي ٿيل هڪ کليل بحث کي خطاب ڪندي چين جي سفير فوڪونگ چيو ته ايران جي موجوده صورتحال عالمي ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي ۽ جنگ جا ڪڪر ڇائنجي رهيا آهن، جنهن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته چين کي اميد آهي ته آمريڪا ۽ ٻيون لاڳاپيل ڌريون عالمي برادري ۽ علائقائي ملڪن جي آواز تي ڌيان ڏين، اهڙا قدم کڻن جيڪي وچ اوڀر جي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار هجن ۽ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪن. چين جي نمائندي واضح ڪيو ته ايران هڪ خودمختيار رياست آهي ۽ ان جي معاملن جو فيصلو ايران جي عوام کي پاڻ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته چين ايران ۾ استحڪام جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جو حامي آهي. فوڪونگ سمورن ڌرين تي زور ڀريو ته اهي گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري ڪن، ٻين ملڪن جي داخلي معاملن ۾ مداخلت جي مخالفت ڪن ۽ عالمي لاڳاپن ۾ طاقت جو استعمال يا ڌمڪي کي رد ڪن.

مزید خبریں