پيرس-29 جنوري (اي پي پي) فرانس جي ڪمپني ”لامارڪ اون موا“ احتياطي تدبيرن طور کير پياڪ ٻارن جي کير جو ٽي کيپون واپس گهرائي ورتيون، ڇو جو ان ۾ زهريلي مادي ”سيريولائيڊ“ جي موجودگي جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس ۾ مصنوعات جي واپسي بابت سرڪاري ويب سائٽ تي شايع ٿيل ٿنبيهه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان مصنوعات جي واپسي جو عمل اختيارين طرفان سيريولائيڊ جي امڪاني موجودگي …
فرانس جي ڪمپني زهريلي مادي ”سيريولائيڊ“ جي موجودگي جي خدشي سبب احتياطي تدبيرن طور کير پياڪ ٻارن جي کير جون ٽي کيپون واپس گهرائي ورتيون

مزید خبریں
پيرس-29 جنوري (اي پي پي) فرانس جي ڪمپني ”لامارڪ اون موا“ احتياطي تدبيرن طور کير پياڪ ٻارن جي کير جو ٽي کيپون واپس گهرائي ورتيون، ڇو جو ان ۾ زهريلي مادي ”سيريولائيڊ“ جي موجودگي جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس ۾ مصنوعات جي واپسي بابت سرڪاري ويب سائٽ تي شايع ٿيل ٿنبيهه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان مصنوعات جي واپسي جو عمل اختيارين طرفان سيريولائيڊ جي امڪاني موجودگي بابت نين سفارشن کانپوءِ شروع ڪيو ويو آهي. گذريل هفتن دوران نيسلي، ڊينون ۽ لاڪٽاليس جهڙين ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين به احتياطي طور ٻارن جي کير جون مصنوعات بازار مان هٽائي ڇڏيون آهن. کير پياڪ ٻارن جي کير جي صنعت کي گذريل ڪيترن ئي هفتن کان بحران کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڇو جو ڪيترين ئي ڪمپنين اهڙيون مصنوعات واپس گهرائي ورتيون آهن جن ۾ زهريلي مادي سيريولائيڊ جي موجودگي جو خدشو آهي، جيڪو ٻارن م دستن ۽ الٽي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.











