نيويارڪ-29 جنوري (اي پي پي) اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني ٽيسلا چيو آهي ته چوٿين ٽه ماهي دوران ڪمپني جي منافعي ۾ 61 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جنهن جو سبب گاڏين جي وڪري ۾ گهٽتائي ۽ خرچن ۾ اضافو آهي، جڏهن ته چيف ايگزيڪيوٽو ايلون مسڪ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ سيڙپڪاري وڌائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽيسلا ڪمپني جيڪا پاڻ کي هڪ هائبرڊ ويئر تي ٻڌل ڪاروبار …
ٽيسلا جي منافعي ۾ نمايان گهٽتائي، ايلون مسڪ پاران اي آءِ منصوبي ۾ سيڙپڪاري جو اعلان

مزید خبریں
نيويارڪ-29 جنوري (اي پي پي) اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني ٽيسلا چيو آهي ته چوٿين ٽه ماهي دوران ڪمپني جي منافعي ۾ 61 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جنهن جو سبب گاڏين جي وڪري ۾ گهٽتائي ۽ خرچن ۾ اضافو آهي، جڏهن ته چيف ايگزيڪيوٽو ايلون مسڪ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ سيڙپڪاري وڌائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽيسلا ڪمپني جيڪا پاڻ کي هڪ هائبرڊ ويئر تي ٻڌل ڪاروبار کان ”فزيڪل اي آءِ ڪمپني“ ۾ منتقل ٿيڻ لاءِ 16 جنوري تي مصنوعي ذهانت جي ڪمپني ”ايڪس اي آءِ“ ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اتفاق ڪيو آهي. 31 ڊسمبر تي ختم ٿيل ٽه ماهي ۾ ٽيسلا جو منافعو 840 ملين ڊالرز رهيو، جيڪو هڪ سال اڳ 2.1 ارب ڊالرز هو، جڏهن ته آمدني 24.9 ارب ڊالرز رهي جيڪا ساليانو بنيادن تي 3.1 سيڪڙو گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿي.











