اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي سالياني چونڊن 2026ع ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني آصف بشير چوڌري کي صدر، توصيف عباسي ۽ رشيد ملڪ کي نائب صدرن، بشير …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران آر آءِ يو جي جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي سالياني چونڊن 2026ع ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني آصف بشير چوڌري کي صدر، توصيف عباسي ۽ رشيد ملڪ کي نائب صدرن، بشير عثماني کي جنرل سيڪريٽري ۽ اظهار خان نيازي کي فنانس سيڪريٽري چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن راجا عمران جنجوعه ۽ راڻا فرحان اسلم کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ سان گڏوگڏ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي سمورن نئين چونڊيل ميمبرن کي پڻ دلي مبارڪباد ڏني. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آر آءِ يو جي صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. وقتي صدر آر آءِ يو جي جي عهديدارن جي بنا مقابلي چونڊ کي صحافي برادري جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظهر قرار ڏنو. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ صحافي برادري جي وچ ۾ مضبوط رابطا جمهوري قدرن جي فروغ جي لاءِ لازمي آهن.











