اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن مونا عالم جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهرو ويو، مونا عالم ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته مونا عالم جي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن مونا عالم جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن مونا عالم جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهرو ويو، مونا عالم ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته مونا عالم جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ماءُ جو رشتو انتهائي مقدس ۽ عظيم رشتو هوندو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته مونا عالم ۽ سندس گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.











