اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪ- چين حصيداري اعتماد ۽ ڊگهي مُدي جي تعاون جي علامت آهي، سي پيڪ تحت چيني سيڙپڪاري پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، کاڻين جي شعبي ۾ چين جي تعاون سان ترقيءَ جون نيون راهون کُلنديون. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نَون بلندين کي ڇُهي رهيا آهن، گڏيل مائيننگ منصوبن سان …
پاڪ- چين حصيداري اعتماد ۽ ڊگهي مُدي جي تعاون جي علامت، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نَون بلندين تائين پهچي رهيا آهن: علي پرويز ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪ- چين حصيداري اعتماد ۽ ڊگهي مُدي جي تعاون جي علامت آهي، سي پيڪ تحت چيني سيڙپڪاري پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، کاڻين جي شعبي ۾ چين جي تعاون سان ترقيءَ جون نيون راهون کُلنديون. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نَون بلندين کي ڇُهي رهيا آهن، گڏيل مائيننگ منصوبن سان توانائي، تحفظ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ منرل جي شعبي ۾ تعاون وڏي اهميت رکي ٿو. اهڙو اظهار هن پاڪ- چين منرلز تعاون فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ- چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي موقعي تي ان فورم ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز آهي. ٻنهي ملڪن گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران دورانديشي، گڏيل اعتماد ۽ ڊگهي مُدي جي تعاون تي ٻَڌل مضبوط ۽ مستحڪم حصيداري قائم ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ خاص ڪري هاڻوڪن سالن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٺوس ۽ نمايان اثر سامهون آيا. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ تحت چيني سيڙپڪاري توانائيءَ جي جدت جي منصوبن ذريعي پاڪستان جي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ تيزيءَ سان واڌ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان پاڪستان کي معاشي ترقيءَ ۾ درپيش پُراڻن مسئلن خاص ڪري توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ، ماس ٽرانزٽ سلوشنز، جديد روٽ نيٽ ورڪ ۽ ايلڪٽرڪ موبيلٽي قدمن ۾ ڀرپور مدد ملي جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف پاڪستان جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌارو آيو پر روزگار جا وسيع موقعا پڻ پيدا ٿيا. هن چيو ته چين ان شروعاتي ملڪن ۾ شامل هو جن معدنيات جي شعبي جي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت کي تسليم ڪيو. چين نه صرف ڪريٽيڪل منرلز، ڪاپر، سميلٽنگ ۽ ريفائننگ ۾ عالمي سطح تي نمايان مقام رکي ٿو، سيندڪ ڪاپر گولڊ ۽ ٻيا منصوبا پاڪ- چين تعاون جا ڪامياب مثال آهن. هن چيو ته هي تعاون گڏيل منصوبا جاتي ڪمپنين ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيو، چين جي کاڻين سرگرمين، درآمدي متبادل، پاڪستان جي توانائي، سلامتي ۽ استحڪام سميت ڏورانهن علائقن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. وفاقي وزير چيو ته جيوليڪل سروي پاڪستان ۽ چائينا جيوليڪل سروس وچ ۾ 2010ع کان جاري ڊگهو ۽ نتيجا ڏيندڙ حصيداري پاڪستان لاءِ اثاثو آهن، ان تعاون تحت پاڪستان ۾ جيو ڪيميڪل سيمپلنگ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪئي وئي جنهن معدنياتي علائقن جي نشاندهي ۽ منظم تلاش لاءِ هڪ جديد بنياد فراهم ڪئي. هن سنگ ميل جي بنياد تي هاڻ ريزولوشن سرويز ۽ مربوط جيو سائنسي پروگرامز طرف اڳڀرائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پاڪستان جي معدني صلاحيت کي وڌيڪ ڪتب آڻي سگهجي ۽ پائيدار معاشي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پائيدار ڪاروباري ماحول جي اصل علامت مقامي سيڙپڪارن جو اعتماد هوندو آهي. پاڪستاني ڪاروباري ادارن جو وڌندڙ انگ هاڻ معدنيات جي شعبي ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ عالمي ڪمپنين سان حصيداريءَ جا موقعا تلاش ڪري رهيو آهي، اهم دريافتون سامهون اچي چڪيون آهن ۽ هي رفتار تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هي صورتحال چيني کاڻين جي ڪمپنين، سروس فراهم ڪندڙن ۽ اوزار ساز ادارن لاءِ پاڪستان جي معدني شعبي ۾ پنهنجي ڪردار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ گڏيل فائديمند حصيداريون قائم ڪرڻ جو هڪ مضبوط موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت سياسي استحڪام ۽ ذميداراڻي طور کاڻين جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ مربوط معاونت جي فراهميءَ لاءِ پُرعزم آهي جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي هم آهنگي ۽ مخصوص اداره جاتي معاونتي نظام شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته توانائي جي منتقليءَ لاءِ ٽامي ۽ ٻين اهم معدنيات جي عالمي طلب ۾ تيزيءَ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۽ چين پاڻ کي عالمي معدني سپلاءِ چين ۾ هڪ قابل عمل ڊگهي مُدي واري حصيدار طور پيش ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل چيف آف ڊفينس فورسز جنرل سيد عاصم منير ۽ حڪومت طرفان سمورن چيني ڪمپنين ۽ نمائندن کي پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2026ع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪو هلندڙ سال 8 ۽ 9 اپريل تي منعقد ٿيندو. هن چيو ته هي فورم پاليسي سازن، ريگيوليٽرز ۽ منصوبا جاتي اسپانسرز سان منظم رابطن لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم ثابت ٿيندو.











