خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ  پاران تيراه وادي آپريشن بابت بيان حقيقتن جي ابتڙ آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جو تيراه وادي آپريشن بابت بيان حقيقتن جي ابتڙ، سياسي مفادن تي ٻڌل ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جهڙي سنگين قومي مسئلي کي سياسي رنگ ڏيڻ انتهائي غير ذميواري وارو ۽ …

اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جو تيراه وادي آپريشن بابت بيان حقيقتن جي ابتڙ، سياسي مفادن تي ٻڌل ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جهڙي سنگين قومي مسئلي کي سياسي رنگ ڏيڻ انتهائي غير ذميواري وارو ۽ رياستي مفادن جي خلاف آهي. هن چيو ته وادي تيراه ۾ جاري قدم ڪنهن فرد، جماعت يا حڪومت خلاف ناهن پر پاڪستان جي امن، عوام جي تحفظ ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ ضروري آهن. اهو چوڻ ته انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪنهن حڪومت کي بدنام ڪرڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، هڪ خطرناڪ سياسي بيان آهي، جيڪو دهشتگرد عنصرن کي هٿي وٺائي سگهي ٿو. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته ڪي پي ڪي جي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪامي ڏيکاري ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ غير سنجيده رويو اختيار ڪيو، جيڪڏهن صوبائي حڪومت وقت تي اثرائتا قدم کنيا هجن ها ته اڄ وفاق کي سخت فيصلا نه ڪرڻا پون ها. وزيراعليٰ کي گهرجي ته اهو رياستي ادارن تي الزام لڳائڻ بدران عوام جي تحفظ لاءِ سنجيده ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي ورهائڻ، ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ رياستي فيصلن کي تڪراري بڻائڻ واري هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. امن، سلامتي قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

مزید خبریں