پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز جي براڊ ڪاسٽ جا تفصيل جاري

لاھور - 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي-20 سيريز جي براڊ ڪاسٽ جا تفصيل جاري ڪيا ويا آھن. پي سي بي ميڊيا جي ترجمان مطابق سيريز جي شروعات اڄ خميس کان ٿيندي، جڏھن ته ٻي ۽ ٽئين ميچ ترتيب وار 31 جنوري ۽ پھرين فيبروري تي کيڏي ويندي. سمورين ميچن جي شروعات پاڪستاني وقت مطابق شام 4 وڳي …

لاھور – 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي-20 سيريز جي براڊ ڪاسٽ جا تفصيل جاري ڪيا ويا آھن. پي سي بي ميڊيا جي ترجمان مطابق سيريز جي شروعات اڄ خميس کان ٿيندي، جڏھن ته ٻي ۽ ٽئين ميچ ترتيب وار 31 جنوري ۽ پھرين فيبروري تي کيڏي ويندي. سمورين ميچن جي شروعات پاڪستاني وقت مطابق شام 4 وڳي ٿيندي. آسٽريليا جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر سائمن ڪيٽچ ڪمنٽري پينل ۾ شامل ھوندو. ھن سان گڏ پاڪستان جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڪپتان عامر سھيل ۽ رميز راجا، اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر بيٽر باذيد خان ۽پاڪستان  ويمن ڪريڪٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ممتاز به ڪمنٽري ڪندي. پي سي بي جي مشھور پچ سائيڊ اسٽوڊيو جي ميزباني زينب عباس ڪندي، جتي پري ۽ پوسٽ ميچ شوز ۾ ڪرڪيٽ جا ماھر  مداحن لاءِ تجزيه پيش ڪندا. سيريز جي ھاءِ ڊيفينيشن ڪوريج 28 ڪيمرن ذريعي فراھم ڪئي ويندي، جنھن ۾ بگي ڪيم به شامل آھي. فيصلا نظرثاني جي نظام ۾ ھاڪ آءِ ۽ الٽرا ايج ٽيڪنالاجي جو استعمال ھوندو. پاڪستان ۾ مداح ان سيريز کي سڌي ريت پي ٽي وي اسپورٽس تي ڏسي سگھندا. پرڏيھي مداحن لاءِ براڊ ڪاسٽ جا انتظام به ڪيا ويا آھن.

مزید خبریں