اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ …
واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1202.75 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.430 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 648.60 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.291 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











